تصوير سنڌ

تصوير سنڌ

تصوير سنڌ

تصوير سنڌ (ڪتاب ):هي ڪتاب، جنهن ۾ سومرن جي بادشاهيءَ جا نقش ۽ نشانيون بيان ڪيل آهن، مشهور عالم، محقق ۽ زرعي سياستدان ايم. ايڇ. پنهور جي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب “An Illustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh” جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي، جيڪو عمر سومري ڪيو آهي. ڊبل ڊيمي سائيز جي 248 صفحن ۽ چئن رنگن واري ٽائيٽل جي هن ڪتاب جي قيمت 600 رپيا آهي ۽ ڪتاب سنگم پبليڪيشن، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران 2006ع ۾ ڇاپي، عمر سومرو اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ موجود تصويرن جي فوٽو گرافي محمد علي قادريءَ جي ۽ گرافڪ ورڪ احمد سومري جو ڪيل آهي.
هن ڪتاب جي ارپنا ايم. ايڇ. پنهور پنهنجي گهر واريءَ فرزانه پنهور جي نالي ڪئي آهي. ڪتاب جو نثري مواد 28 بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سومرا گهراڻي جي حاڪمن، عربن جي سنڌ جي ٺهيل نقشن، سومرن جي حڪمرانيءَ کان اڳ وارن آزاد اسلامي ملڪن ۽ غير اسلامي پاڙيسري ملڪن، سومرن حاڪمن ۽ همعصر اسلامي دنيا ۽ هند جون حڪومتون، سنڌ ۽ دهلي سلطنت جي لاڳاپن، سنڌ- ملتان لاڳاپن، منگول شهنشاهت ۽ سنڌ، بروهين جي سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۽ لاڏائن جي ڀاڄڙ، ابن بطوطه جي سنڌ جي سفر، محمد بن تغلق جي سنڌ تي ڪاهن، سومرن جي دور جي سنڌ جي جاگرافي، سومرا دور ۾ سنڌو درياهه جي صورتحال، سومرا دور جي آبپاشي نظام ۽ زراعت، سومرا دور جي سنڌين جي کاڌ خوراڪ، واپار، سماجي زندگيءَ، تعليم، مذهب، روحاني تحريڪن، هنرن، ڪاريگرن، تعميرات، پراڻن آثارن، سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري ٻوليءَ طور اوسر، سنڌي ادب، ٻاهرين دنيا سان ادبي ناتن، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ آباد نسلن بابت تفصيلي، تاريخي ۽ تحقيقي مواد موجود آهي. ان کانسواءِ نقشن واري حصي ۾ سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ، سومرن جي اتر ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ موجود شهرن، سنڌوءَ ۽ هاڪڙي جي وهڪرن جا نقشا، سنڌ ۾ آيل عرب سياحن جا ٺاهيل نقشا، عباسي، قرمطي، غزنوي، سلجوقي دور جي علائقن، مطلب ته 13 کان 16 صديءَ جي سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جا نقشا، سنڌو درياهه جي دور وار وهڪرن، آمد ورفت جي رستن، ڏکڻ سنڌ جي زمين جي جيومارفالاجي، گرمي ۽ ٿڌ جي مختلف وقتن ۾ ماپ ۽ واپاري رستن جا نقشا ۽ اتر ۽ ڏکڻ سنڌ جا قبيلائي نقشا ڏنا ويا آهن، ان کانسواءِ ڪيترا چارٽ، ٽيبلون ۽ تصويري سمجهاڻيون به هن ڪتاب ۾ موجود آهن. هي ڪتاب سنڌ جي سومرا دور جو پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن جي تياريءَ ۾ محقق ۽ ليکڪ ايم. ايڇ. پنهور صاحب جديد سائنسي تحقيق جا سمورا طريقا استعمال ڪري، تز ۽ درست نتيجا ڪڍيا آهن ۽ مفروضن کي رد ڪري، حقيقي تاريخ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.


لفظ تصوير سنڌھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو